ٽالپر  مير شهداد علي خان حيدري

ٽالپر مير شهداد علي خان حيدري

مير شهداد علي خان حيدري ٽالپر

مير شهداد علي خان حيدري ٽالپر :مير شهداد علي خان پٽ مير نور محمد خان ٽالپر پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ حيدرآباد جي ٻي ۽ آخري چوياريءَ ۾ شريڪ ٿيو . ان وقت مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان جي وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار ٿي پيو . مير نصير خان ، مير شهداد خان جي طرف هو ، ڇاڪاڻ ته کيس حق تي ٿي سمجهيائين ، احمد خان لغاريءَ جي چرچ تي مير صوبدار خان ، مير حسين علي خان کي اڀاري رهيو هو ، جهيڙو شايد وڌي وڃي ها ، پر ميجر آئوٽرام جي وچ ۾ اچڻ ڪري صلح صفائي ٿي وئي . مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ مير شهداد خان کي به گرفتار ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو ، جتي مٿس سنگين الزام هنيو ويو ته هن انگريز فوج جي ڪئمپ کي باهه ڏياري ۽ ڪيپٽن اينس کي قتل ڪرايو هو . انهيءَ الزام ۾ کيس ٻين مير صاحبن کان جدا سورت ۾ اڪيلو قيد ۾ رکيو ويو . ثبوت نه ملڻ ڪري لارڊ ڊلهائوسيءَ مير صاحب کي باعزت بري ڪيو ۽ سورت مان ڪلڪتي ۾ مير صاحب کي قيد تنهائيءَ ۾ رکيو ويو . جيئن ته مير صاحب شاعر هو ، سندس تخلص ” حيدري “ هو . قيد تنهائي ۾ اهڙا ته درد انگيز نظم چيائين ، جن جي پڙهڻ سان سندس غم جو اندازو ٿئي ٿو ، اهي نظم سندس ديوان ۾ موجود آهن . سندس ديوان صفدر حسين ميرزا ’سيفي ‘ مڪمل احوال سان مرتب ڪري چڪو آهي . مير شهداد خان 7 محرم الحرام 1284 هه/ 28 آگسٽ 1857ع جو ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ وفات ڪئي . سندس لاش کي حيدرآباد آڻي ميرن جي قبن تي دفن ڪيو ويو . سندس مزار تي هي ڪتبو لکيل آهي . ” تاريخ وصال مرحوم صاحب مير شهداد خان ٽالپر عليه الرحمه هفتم ماه محرم 1284 هه . “


هن صفحي کي شيئر ڪريو